ايم ايڇ پنهور سنڌ جي تمام وڏي

 

 خدمت ڪئي: بينظير ڀٽو

حيدرآباد(اسٽاف رپورٽر) پ پ جي چيئرپرسن محترمه بينظير ڀٽو چيو آهي ته ايم ايڇ پنهور سنڌ جي تمام وڏي خدمت ڪئي سندس ڪيل خدمتن کي ڪڏهن به وساري نٿو سگهجي. اهڙا ماڻهو جيئري ئي مڃتا  حاصل ڪري وٺندا آهن. ايم ايڇ پنهور جي وفات تي ڏک پهتو آهي، اسان ايم ايڇ پنهور جي پونئيرن سان ڏک ۾ برابر  جا شريڪ آهيون. اهڙو اظهار هن زرعي سائنسدان ايم ايڇ پنهور جي لاڏاڻي تي سندس گهر واري فرزانه پنهور ڏي موڪليل تعزيتي پيغام ۾ ڪيو. هن چيو ته ايم ايڇ پنهور زراعت جي حوالي سان ملڪ کي ترقي ڏيارڻ جيڪا جدوجهد ڪئي ان کي اسان ڪڏهن به وساري نٿا سگهون