بابا جو ڇڏيل مشن جاري رکبو:0 1  تحقيقي ڪتاب جلد ڇپرائبا: سني  پنهور

 

ٽنڊوڄام :بابا جي تحقيقي ڪم سبب طبيعت خراب رهندي هئي، بابا مرحوم جي ڇڏيل مشن کي جاري رکيو ويندو، ڇپائي جي مرحلي هيٺ بابا جي 0 1  تحقيقي ڪتابن کي  جلد  ڇپرايو ويندو، اهڙو اظهار مرحوم ايم ايڇ پنهور جي آمريڪا کان پهتل فرزند سني حسين پنهور پنهجي والد جي ميت کي دفنائڻ بعد صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو، هن چيو ته بابا مرحوم هن زرعي فارم کي زرعي تحقيقي مرڪز بڻائڻ پئي چاهيو، اسان بابا جي انهي مشن کي مڪمل ڪنداسين، هن چيو ته بابا گذريل اڍائي ميهنن کان بيمار هو ۽ انهي وچ ۾ مون کي به ڏيڍ مهينو بابا وٽ رهي سندس خدمت ڪرڻ جو موقعو مليو، انهي بعد به منهنجو بابا سان فون تي رابطو رهندو هو، هن ٻڌايو ته هي زرعي فارم ۽ لطيف آباد وارو گهر بابا پاران قائم ڪيل ايم ايڇ پنهور ٽرسٽ جي ملڪيت آهن، اسان گهر ڀاتي ان جا ٽرسٽي آهيون، هن چيو ته ايم ايڇ پنهور جي نالي سان ويب سائيٽ ٺهيل آهي، جنهن تي بابا جي ڪيل تحقيق وارو مواد موجود آهي، اها وقت به وقت اپڊيٽ ڪئي ويندي.