ڌرتي ماءُ حوالي سنڌ جو برک زرعي ماهر ايم ايڇ پنهور

 

حيدرآباد(اسٽاف رپورٽر) ناليواري زرعي سائنسدان، تاريخدان، محقق ۽ آرڪيالاجسٽ ايم ايڇ پنهور کي ڪالهه سوين آلين اکين سان کيسانا موري لڳ ايم ايڇ پنهور  زرعي فارم ۾ ڌرتي امڙ حوالي ڪيو ويو، مرحوم ايم ايڇ پنهور جو مڙهه سندس گهرواري فرزانه پنهور، پٽ سني حسين پنهور، ننهن ثريا حسين پنهور ۽ ٻيا ڪراچي کان حيدرآباد کڻائي پهتا، ڪراچي جي آغا خان اسپتال جي سرد خاني مان صبح جو  5  وڳي لاش کنيو ويو، جتان اهو پوڻين ڇهين وڳي ايڌي سينٽر ڪراچي پهچايو ويو، جتي غسل ڏيارڻ کانپوءِ ساڍا 6  وڳي حيدرآباد لاءِ کنيو ويو، جيڪو 9  لڳي 0 1  منٽن تي حيدرآباد پهتو، سندس لطيف آباد نمبر 2  ۾ 7 5 1  سي گهر تي جنازي نماز ادا ڪئي وئي، جنهن ۾ سنڌ اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ نثار احمد کهڙو، ابراهيم جويو، ڊاڪٽر غلام علي الانا، ڊي آءِ جي ڪراچي مشتاق شاهه، قلندر شاهه لڪياري، تاج جويو، بشير احمد شيخ، نظير ميمڻ، هاشم لغاري، ناصر پنهور، حميد سنڌي، سني حسين پنهور، ڊاڪٽر احمد علي شاهه، بشير شاهه ۽ ٻين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، جنهن بعد تدفين لاءِ لاش کي کنيو ويو، جسم خاڪي 1 1  لڳي 0 2  منٽن تي ٽنڊو ڄام روڊ تي کسيانا موري لڳ واقع ايم ايڇ پنهور زرعي فارم تي آندو ويو، سندس وصيت موجب کيس ان ئي فارم ۾ سوين آلين اکين جي موجودگي ۾ ڌرتي  ماءُ حوالي ڪيو ويو، مرحوم جو تڏو  لطيف واري گهر تي وڇايو ويو آهي، جتي صوبائي وزير مير منظور پنهور سميت ٻين شخصيتن پهچي مرحوم جي فرزند سني حسين پنهور سان ڏک ونڊيو، ٻئي طرف الاهي بخش سومرو جي ڀيڻ آپا امتياز سومرو، مسز منظور پنهور، رشيده پنهور، ڊاڪٽر رضيه ٻگهيو سميت وڏي انگ ۾ عورتن پڻ مرحوم ايم ايڇ پنهور جي وڇوڙي تي سندس گهر واري فرزانه پنهور سان ڏک ونڊيو.