هن جهڙو ٻيو ڪو به نه هو!

ڊاڪٽر ايوب شيخ

 

                هڪ تمام وڏو ماڻهو، ريسرچر، دليل، علم ۽ عقل جو ڌڻي، وڏي دل، کليل اکين ۽ هر گهڙي هر پل بنا ڪنهن نعري سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن جي لاءِ پاڻي، زراعت ۽ ناڻي جي مامرن تي تمام وڏي جدوجهد ڪرڻ وارو سورمو ايم ايڇ پنهور گذاري ويو. منهنجي ساڻس آخري ڳالهه ٻولهه چار ڏينهن کن اڳ ٿي هئي. هن سال فيبروريءَ ڌاري سندس طبيعت ڪجهه وڌيڪ ناساز ٿي پئي هئي، جنهن ڪري کيس اسپتال داخل ڪيو ويو هو ۽ هو اتان وري نوبنو ٿي موٽيو هو.

                ايم ايڇ پنهور صاحب پنهنجيءَ دانش ۽ دليل ۾ تمام وڏن روايتي ڪردارن جو مخالف هيو. هن جي نظر ۾ شاهه لطيف تمام وڏو ماڻهو هو، پر هن مومل راڻي جي قصي کي ”دماغي“ قصو سڏيندي، ان سميت وتائي فقير ۽ چنيسر سومري جي هئڻ کان به لکت ۾ انڪار ڪيو. هن شاهنواز ڀٽي پاران پنهنجي شڪست تسليم ڪرڻ ۽ ڌانڌلين جي اجازت نه ڏيڻ ۽ عبدالمجيد سنڌيءَ جي کٽڻ کي سنڌ جي رواداريءَ جو مثال ٿي سڏيو، هن پنهنجي راءِ ۽ رويي ۾ مذهب کي نه ٿي ڇهيو، پر شخصيتن جي حوالي سان حضرت محمد مصطفيٰ صلي الله عليه وسلم، حضرت عيسيٰ عه، گوتم ٻڌ جن جي سماجي  حاصلات ۽ زمانن کان انسانن مٿان انهن جي مثبت اثرن کي دل سان مڃندو هو. 82  ورهين جو پنهور صاحب شاهه لطيف جي شعر ”جان جان هئي جيئري، ورچي نه ويٺي“ جو مڪمل عڪس هيو.

                14  ورهين جي تعلق ۾ اسان جو رشتو هڪ سکندڙ ۽ سيکاريندڙ وارو رهيو. هن ڪڏهن به اها لکا نه ڏني ته ڪو هو پڙهائي يا سيکاري رهيو آهي. هو محنت کي انسانذات جو سڀ کان اهم گڻ ۽ خوبي سمجهندو هيو. هن جي خواهش هئي ته هر سنڌي پنهنجي پنهنجي هنر ۽ ميدان ۾ محنت ڪرڻ جو حق ادا ڪري. وڏي آواز بدران ڌيمي آواز ۾ ڳالهائيندو هو ۽ گهڻن ماڻهن کي بي لباس ڪري سگهندو هو. منهنجي صلاح تي هن پير علي محمد راشدي مرحوم جي پٽ کي پنهنجو اهم ترين ڪتاب ”سنڌ جي سماجي تاريخ“ چيڪ ڪرڻ لاءِ ڏنو هو، پر اهو ڪتاب پنهور صاحب کي وري نه مليو. زراعت سان کيس خاص عشق هو، ان ڪري ان بابت سڄيءَ دنيا ۾ ٿيندڙ نئين ريسرچ تي سندس نگاهه هئي. هڪ ڏينهن آمريڪي ۽ برطانوي زرعي ۽ پاڻي ماهرن ۽ سندس ڄاڻ جي ڀيٽ ۽ فرق بابت پڇيم ته چيائين”جيڪي نوان ڪتاب اچن ٿا، اهي مون تائين پهچڻ ۾ 10-15  ڏينهن لڳائين ٿا، پر هنن کي ساڳئي ڏينهن ملي وڃن ٿا، بس اهو ئي فرق آهي“.

                جيتوڻيڪ هن مڪينڪل انجنيئر جي ڊگري حاصل ڪئي هئي، پر پاڻي، زراعت، ميون ۽ زمين جي باري ۾ هن سنڌ کي لکت ۽ عملي طور جيڪو ڪجهه ڏنو، اهو ڪنهن به نه ڏنو. هو آخر تائين سنڌ جي انهن ميدانن ۾ دليل سان پنهنجو خيال پيش ڪندو رهيو. هن سنڌ جهڙي فضا ۾ پنهنجي فارم ۾ صوف، انجير، انگور، لڇي پيدا ڪري ڏيکاريا هئا. انبن جي ميدان ۾ هن ٽي سال اڳ سمورا وڻ ڇانگي، انهن ۾ قلم ڪاري وسيلي انبن جون نيون جنسون لڳايون، جيڪي هر موسم ۾ پيدا ٿي سگهن ٿيون. سنڌ جي زرعي سائنسدان طور هن جا ڪم هميشه ياد رکيا ويندا.

                پنهور صاحب جي زندگيءَ جو معمول هيو ته صبح جو پوري نائين وڳي ڊريس ۽ ٽاءِ پائي، پنهنجي آفيس ۾ ڪم تي ويهندو هو. هن جي روز جي ڏهاڙي 15 ڪلاڪ هلندي هئي. هن جو گهڻو وقت آبپاشي ۽ زرعي کاتي جون اهي سمريون ۽ فائيل به کائيندا هئا، جيڪي ڪي نا اهل آبپاشي عملدار معاملن کي سمجهڻ لاءِ هن وٽ کڻي ايندا هئا. پنهور صاحب اهو سڀ ڪجهه بنا معاوضي ڪندو هو. ان جو صلو به کيس اهو مليو ته زراعت کاتي سندس ڪيئي بل روڪي ڇڏيا هئا، پر پوءِ به هن ڪڏهن ”غلط ڪم“ جي حمايت نه ڪئي.

                نظرياتي حوالي سان هو هڪ سيڪيولر ذهن جو ماڻهو هو. پنهنجي سيڪيولر هئڻ بابت هن ننڍپڻ جو هڪ اهم واقعو ٻڌايو هو...” ڦليلي اسٽيشن (دادو) ڀرسان ڳوٺ ابراهيم پنهور ۾ مسلمان ۽ هندو گڏ رهندا هئاسون. ننڍڙن ٻارن سان گڏجي مال پٺيان ويندا هئاسون. هندو ڇوڪرا ڳئون پنهنجي هٿن سان ۽ مينهون لٺين سان هڪليندا هئا. مون لٺ کڻي هڪ ڳئونءَ تي الاري ته هندو ڇوڪري مونکي چيو”اسان جي ماتا کي نه مار...“ مونکي ويتر تجسس ٿيو. مون لٺ ڳئون کي وهائي ڪڍي، هندو ڇوڪرو رئندو رئندو پنهنجي گهر ويو ۽ مان ٽهڪ ڏيندو پنهنجي گهر ويس. گهر پهتس ته مون پنهنجي امان کان پڇيو ته ”مون ڳئون کي لٺ هنئي ته هو ڇوڪرو روئي پيو، مون هن کي لٺ ٿورئي هنئي“ منهنجي ماءُ مون کان پڇيو ته ”جي مون کي ڪو لٺ هڻي ته تون پوءِ به ٽهڪ ڏيندين؟“ پنهور صاحب ٻڌايو ته ان واقعي ۽ ماءُ جي ان جملي مون کي سڀ ڪجهه سيکاري ڇڏيو هو.

                هن پاڪستان کان اڳ ۽ پوءِ جي اهم واقعن تي ڪتاب لکڻ چاهيو پئي. سرڪاري کاتن ۾ ڇا ڇا ٿيو، تنهن جو وٽس مڪمل تفصيل هو. آمريت سنڌ کي هر وقت نشانو ڇو بڻايو، ان جو به کيس پورو مشاهدو هو. هن وٽ پنجاب جي انهن حاسد ڪامورن ۽ وزيرن جا به پورا تفصيل هئا، جن پاڪستان کان اڳ ۽ پوءِ سنڌ ۾ زراعت جي ترقي آڏو رڪاوٽون وڌيون، جن سنڌ جي ڪوٽا جا بلڊوزر ۽ ٽريڪٽر ۽ ٽيوب ويل پنجاب ۾ استعمال ڪرايا. جي اهي مشينون سنڌ ۾ استعمال ٿين ها ته ويهن ورهين ۾ سنڌ جي خوشحالي ويهه دفعا وڌي وڃي ها ۽ اهو جملو ڪوئي به نه چئي سگهي ها ته ”پنجاب آباد ۽ سنڌ ويران آهي.“ هو سياست کي مسئلن جو حل سمجهندو هو، پر اڪثر سياسي پارٽين جي ايڊهاڪ سوچ هن کي ڪڏهن به چڱي نه لڳي. هن کي ”شهاب نامه“ جي قدرت ا شهاب ۽ ”اهي ڏينهن، اهي شينهن“ جي مالڪ پير علي محمد راشدي مرحوم جي استعمال ڪيل سليس، دلفريب ۽ ماڻهن جا روح رلائيندڙ ٻوليءَ ڪڏهن به متاثر نه ڪيو. هو قدرت ا شهاب پاران سنڌ جي زراعت ۽ زمين کي نقصان پهچائيندڙن ۾ سمجهندو هو.

                هن جا رڳو زراعت، پاڻي، زمين، فارمنگ ۽ ميون تي مشاهدا نه هئا، پر هو سنڌ جي تاريخ کي درست ڪرڻ جي به هڪڙي ”عملي خواهش“ هيو. هو قديم آثارن لاءِ ڪراچي، جاتي، جوهي، دادو ۽ ٺٽي جي ڌرتيءَ مٿان سوين ورهين کان لڪايل سچ جي اظهار جو نالو هو ۽ انهن بابت ورجايل ڪوڙ جو ويري هيو. هن کي دولهه دريا خان جي حقيقتن جيان ميون جي سفارتڪاريءَ جي ميدان ۾ به جهالت کان چڙ هئي. وڏيرن کي هو ”اڻ محسوس ڪيل قاتل زهر“ سڏيندو هو، جن سواءِ غداريءَ جو ٻيو ڪو به ڪم نه ڪيو آهي.

                هڪ ڏينهن سراج ميمڻ صاحب پاران ”سرونٽس آف سنڌ“ جو اجلاس سندس گهر تي ٿيو. 1998ع ۾ بينظير ڀٽو جلاوطن ٿيڻ کان پنج ڏينهن اڳ ان اجلاس ۾ آئي هئي. مرحوم سيد غلام مصطفيٰ شاهه ان اجلاس کان جلد پوءِ لاڏاڻو ڪري ويو هو. ميزبان سراج صاحب کان سواءِ ٻيا به ڪيئي اهم ماڻهو اتي موجود هئا. محترمه جي چوڻ تي ان ڳالهه تي بحث شروع ٿيو ته ”سنڌ جو اهم ۽ بنيادي مسئلو ڪهڙو آهي؟“ دانشورن ۽ استادن پنهنجي پنهنجي حڪمت پيش ڪئي ۽ مختلف ماڻهن لڳ ڀڳ اهي سمورا اشوز اجلاس ۾ رکيا، جيڪي سنڌ سان واسطو رکن پيا. پنهور صاحب ٻن جملن ۾ پنهنجي ڳالهه ڪئي: