|
|
مونکي اعتراف آهي ته مان محترم محمد حسين پنهور جي قرب جو قرضي آهيان. مون کي حسرت ئي رهي ته مان ڪنهن طرح سندس قرض ادا ڪيان، پر مون کي ڪڏهن به اهڙو موقعو نه مليو ۽ هاڻي ته شايد ڪڏهن به لاهي نه سگهان. منهنجو محترم ايم ايڇ پنهور سان تعارف خان محمد پنهور 1985ع ۾ ڪرايو. خان محمد پنهور به ڏاڍو لاجواب شخص هو. مون کي ڪا به ڪن جن ڪا نه ڏنائين بس ٽيليفون ڪري پنهور صاحب کي اطلاع ڏنائين ته مان هڪ شخص کي توسان ملائڻ ٿو چاهيان. مان ڪنهن نيم سرڪاري مهم جي سلسلي ۾ سنڌ گورنمينٽ طرفان حيدرآباد ويل هئس ۽ راڻي باغ سامهون ريسٽ هائوس ۾ ترسيل هئس. جتان پنهور صاحب ان وقت ئي هليو اچڻ جو حڪم ڏنو. وٽس پهتاسين ته مخصوص دوستن لاءِ اڳواٽ ڊنر جو بندوبست هو، جن ۾ سيد غلام مصطفيٰ شاهه سابق وائيس چانسلر ۽ جناب محمد ابراهيم جويو به شامل ۽ خاص مهمان هئا، پر اسان سان ڪو ڀيد ڀاءُ نه رکيائين ۽ کليءَ دل سان ايئن رلي ملي ويو جو ڄڻ اڳواٽ ئي واقفڪار هئاسين. وٽس سليقي سان سجايل ناياب ڪتابن جو ذخيرو ۽ دل آويز گفتگو ٻڌي ان وقت ئي دل کي ڌڪ لڳم ته هڪ غيرمعمولي شخصيت سان ملاقات پئي ٿئي ۽ جيڪي گهڙيون وٽس رهيس، ڪارائتيون ۽ قيمتي لڳم. ان کان وڌيڪ هڪ اعليٰ شخصيت جي باري ۾ ڇا ٿيڻ گهرجي ته هن پنهنجي زندگيءَ جي هڪ گهڙي به ڄڻ نه وڃائي آهي. پاڻ بنيادي طور هڪ انجنيئر هو، سو به مون وانگي ۽ بجلي جو ۽ مڪينيڪل انجينئر. جنهن وقت پنهور صاحب مڪينيڪل انجنيئرنگ ڪئي هئي، ان وقت 1949ع ۾ اليڪٽريڪل انجنيئرنگ ۾ جدا ڊگري ٿيندي ئي ڪا نه هئي ۽ اليڪٽرڪ سٽي مڪينيڪل انجنيئرنگ جو اٽوٽ انگ هئي ۽ انجنيئرنگ ۾ به ”مڪينيڪل“ انجنيئرنگ جي نه فقط موسٽ ايڊوانسڊ برانچ هئي پر اڄ تائين اصل انجنيئرنگ جي جان آهي ئي مڪينيڪل يعني مڪينائيزيشن. خود ”انجنيئرنگ انجڻ“ ۾ بنيادي طور تي هڪ مشين آهي ته ٻيو ڇا؟ ۽ سو پنهور صاحب اپ ٽو ڊيٽ انجنيئر هو ۽ پوءِ ايگريڪلچر ۾ به انجنيئرنگ ڪري ڇڏي هئائين، جيڪا انجنيئرنگ جي هڪ ملٽي پل يعني گاڏڙ شڪل آهي، جنهن جو اطلاق زراعت سان آهي. زراعت ۾ سندس دلچسپي ان ڪري هئي جو پنهور صاحب تي شروع کان اهو واضح ٿي ويو هو ته سنڌ ۾ خوشحالي اُٿندي ئي زراعت کان. اسان وٽ سنڌ ۾ زراعت جو ڪمانڊنگ فيڪٽر آهي ئي پاڻي جنهن جو گهڻو مدار سنڌوءَ تي آهي. ڇو ته سنڌ ۾ نه گهڻيون برساتيون ٿين ۽ نه وري گهڻو زير زمين مٺو پاڻي آهي، ويتر هٿرادو ڪئنال ايريگيشن ”پاڙو پاڻي“ وڌايو آهي جو پاڻيءَ جو سيمي يا ”سم“ زمين جي تهن ۾ موجود لوڻ ڳاري جاڏي ڪاڏي پکيڙي ڇڏيا آهن. ٻين لفظن ۾ هٿرادو ڪئنالن ۽ سنڌ ۾ ”سم ۽ ڪلر“ وڌايو آهي. قدرتي ڦاٽ ته پنهنجو دڳ ئي اهڙي طرح ٺاهيندو آهي جو ٻنهي پاسن کان سندس سخت تهه هوندا آهن ۽ انهن ۾ سم ٿيندي ئي ناهي، يا ٿيندي آهي ته نالي ماتر. تنهن ڪري سکر بئراج کان اڳ سنڌ سم ۽ ڪلر جي نالي کان ئي نواقف هئي. ”سائنس“ تڏهن چوندو آهيان ته قدرت کي تسخير نه ڪيو آهي پر قدرتي نظام سان ڇيڙ ڇاڙ ڪئي آهي. ڪلر کي روڪڻ لاءِ، پاڻيءَ ۾ لوڻن ڳرڻ ۽ مٿي چڙهي اچڻ کان اڳ فورن پاڻيءَ کي ”ٽيوب ويلن“ ذريعي ٻاهر ڪڍي جتي ڪئنال پاڻي پهچائي نه پيا سگهن، آبپاشيءَ لاءِ سوچيو ويو، پر ان لاءِ وڏي پئماني تي بجلي گهربي هئي، سو سم ڪلر کي ضابطي ۾ آڻڻ لاءِ اهو هڪ ظالمانه طريقو به هو ته احمقانه به، جيڪو جاري رکي نه پيو سگهجي. سم ڪلر کي روڪڻ جو طريقو فقط اهوئي مناسب هو ته شروع کان تتي تاءِ فلڊ ايريگيشن جو حوصله شڪني ڪئي وڃي ها، ٻيو شاخن کي پڪو ڪيو وڃي ها، پر ان ۾ سنجيدگيءَ کان ڪم نه ورتو ويو ۽ پوءِ ته زيرزمين پاڻي ايترو ته وڌي ويو جو سم ۾ سڄي سنڌ پئي ٻڏي ۽ ان کي گهٽائڻ لاءِ سم نالا کوٽجڻ شروع ٿيا، اچي دنگ LBOD ۽ RBOD تي نڪتو آهي، جنهن جو آزار اڃان اڳتي اسان جو منتظر آهي. ان ۾ ڪجهه ٺاپر ”پاڻيءَ جي کوٽ“ سبب آئي آهي. واپڊا اها کوٽ سوچي سمجهي پيدا ڪئي آهي، ڇو ته LBOD جا هاڃا سنڀالڻ سندس وس کان ٻاهر آهن. ٻئي سمنڊ کي اٿل کائڻ جو دڳ ڏيندا. سنڌوءَ جي ڇوڙ جو هنڌ ته قدرتي چونڊيل آهي. سمنڊ ۾ جتي چاهجي تتي ڇوڙ نٿو ڪري سگهجي. RBOD ته اڃان مڪمل ئي نه ٿيو آهي. کلي لکڻ لاءِ دفتر درڪار آهن ۽ في الحال موصوع کان به ٿڙي وڃبو. سو پنهور صاحب جو سنڌ ۾ پهريون ڪارنامون سم ڪلر ڪنٽرول ڪرائڻ لاءِ هزار کن ٽيوب ويل لڳائڻ آهن ۽ شايد اڻ ميو پئسو به اتان هٿ ڪيائين، پر سندس اصل ڪارنامو سڌو سنئون زراعت جي ميدان ۾ آهي، جنهن ۾ پنهور صاحب وٽ ”ائگروناميءَ“ ۽ ڊرافٽنگ ۾ ڪا به فارمل ٽريننگ ڪا نه هئي، پر هڪ ته ”شوق دا ڪوئي ملهه ئي نهين“ ٻيو حيرت انگيز حد تائين گهڻ رخي سيماب صفت شخصيت هو، جنهن کيس ڪڏهن سک سمهڻ نه ڏنو. ملازمت ٽنڊي ڄام ۾ يونيورسٽيءَ ۾ ڀرسان کيسانو موري تي پنهنجي زمين. سنڌ ۾ رواجي ”ڪم-قيمت“ فصلن تي هڏ هڻڻ بجاءِ قيمتي جنسن کي متعارف ڪرائي غربت جي ديوَ کي سوگهو ڪرڻ لاءِ جتن ڪرڻ لڳو، جنهن جي پس پرده ان مفروضي جو بنياد هو، جنهن جو لب لباب ته جڏهن مٽي پاڻيءَ سان راند ڪرڻ ئي آهي ته ساڳي هنڌ لاڀائتي ڇو نه ڪجي؟ ڇو ته زعفران به هڪ زرعي جنس آهي جنهن جي هڪ ڪلو جو ملهه اڌ لک برابر آهي. تازو ميندي راجستان جي ٻڌي سين ڏيڍ لک رپئي ڪلو. زعفران جو اصل وطن پاڻ وارو ڪشمير آهي پر هن وقت دنيا ۾ بهترين زعفران اسپين ۾ ٿي ٿئي ۽ هتان ئي کڻي ويا هئا. 1984ع ۾ برطانيا ۾ هوندي، مون کي اسپين جي ايگريڪلچر سوسائٽيءَ زعفران جي پلڪنگ سيزن ۾ حصي وٺڻ لاءِ ”توليدو“ اچڻ جي دعوت ڏني هئي، جو ان علائقي ۾ ئي سندس پوک وڏي پيماني تي ٿيندي آهي. توليدو، مئڊرڊ کان ڏکڻ ۾ ايترو پري آهي جيترو ڪراچيءَ کان حيدرآباد ”توليدو“ به ٽئگس ندي جي ڪناري تي آهي ۽ عرب ۽ بربر يورپي نسل جا ماڻهو، مسلمانن وانگر جانٺا، جفاڪش کُهرا، سنوان سنواٽا ماڻهو آهن، پلڪنگ گهڻو ڪري عورتون ۽ ٻارڙيون پيون ڪن. اهڙي طرح باداميون دنيا ۾ سندن اصل وطن ايران آهي پر اڄڪلهه بهترين باداميون آمريڪا ۾ پيون ٿين ۽ سڄي دنيا کي ايڪسپورٽ ٿو ڪري، فقط F-16 جهاز ۽ بل گيٽس جي مائڪرو سافٽ جا ”ڪمپيوٽر پروگرام“ نه ”پستا“ بهترين شام ۾ ٿيندا آهن، جنهن جي آبهوا اسان کان گهڻي مختلف ڪانهي. اهڙي طرح ”فوٽا ننڍا“ سٺا لاطيني آمريڪا ”گيانا“ ۾ لڳ ڀڳ ساڳي آبهوا ۾ پيا ٿين. هت جهانگير صديقي 1977ع ۾ ”پان ۽ سوپاري“ متعارف پئي ڪرائي. پنجاب ۾ ”هٿرادو کنڀيون“، ”راسبيري“، ”اسپرؤٽس“، ”بروڪلي“ وڏي پئماني تي پئي ٿئي. حڪيم سعيد يورپي باغبان گهرائي قيمتي طبي پوٽين جي پوک جو رواج وڌو. ديسي دوائن، پسارڪي سُتين يا جڙي ٻوٽين ۾ دنيا ۾ جنهن وکر جو سڀ کان وڌيڪ کاپو آهي، سو آهي ”مٺي ڪاٺي“ ۽ اها بهترين ٿئي ٿي چين جي اُرمُچي ۽ سنڪيانگ ۾. کنگهه جي شربت جي پوري فارماسيو ٽيڪل صنعت ان تي بٺيل آهي. اسان وٽ پٽاٽو، ڪيلو، انب به ته ٻاهران آيو. خود ڪمندجنهن تي اڄ سنڌ ۾ ٽيهه کن کنڊ جا ڪارخانا ٿا هلن سکر بئراج ٺهڻ کان اڳ ناپيد هو. سنڌ ۾ وقت سان گڏ ترقي به ٿي آهي، پر ڇاهي ته ان جو لاڀ اسان جي مٿي تي هٿ ڦيري ٻين پئي پرايو آهي. اسان، ”انڌي جهڙي پيڪين، تهڙي ساهرين“. سو پنهور صاحب بيشڪ پاڻ کي مصروف رکيون وندرايون پئي آيو پر ان سان ڪو بريڪ ٿرو مشڪل هو. اسان جو اصل مسئلو ٻيو آهي، جنهن تي توانايون مرڪوز ٿيڻ گهرجن. اسان صبح شام اجايو ويٺا وڏيرن ۽ جاگيردارن کي لويون. هنن جي اڳيان دال به ته ڳري نه، ٻيو ته اسان وڏيرن جاگيردارن کي سڃاڻون ڪو نه ٿا؟ ته اهي ڪڏهن پيدا ٿيا؟ ڪنهن مڙهيا؟ ۽ ڇو مڙهيندا اچن؟ توهان ”عوام جي شعور“ جي ڳالهه ٿا ڪريو؟ عوام کي جڏهن به موقعو مليو آ، انهن وڏن وڏن بوتن کي پٽ ڪري ڏيکاريو آ، پر پوءِ به مٿي ۾ ڪيئن ٿا لڳن؟ انهن کي اسان تي ڪير ٿو مڙهي؟ جيستائين ان جو ڌڪ ڦٽ نه ڪ