|
|
|
حسين شاهه، انور پيرزادي ۽ ايم ايڇ پنهور جو لاڏاڻو سنڌ لاءِ وڏو نقصان آهي: مقرر
|
|
ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) : ڪراچي يونيورسٽي جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر پيرزاده قاسم رضا چيو آهي ته سنڌ جي سوچ، ادب ۽ ثقافت نرالي آهي. سڀ پڙهيل ماڻهو دانشور ناهن، حسين شاهه راشدي، انور پيرزادو ۽ ايم ايڇ پنهور حقيقي دانشور هئا. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪراچي يونيورسٽي جي شاهه لطيف ڀٽائي چيئر پاران حسين شاهه راشدي، انور پيرزادي ۽ ايم ايڇ پنهور جي ياد ۾ ٿيل تعزيتي ريفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته اهي ٽئي شخصيتون عام ناهن. موجوده حالتن ۾ اهڙا ماڻهو پيدا نه ٿيندا آهن. سندن لاڏاڻو سنڌ جو وڏو نقصان آهي. هن چيو ته سنڌ جي سڃاڻپ منفرد سوچ آهي. سنڌ يونيورسٽي جي وي سي مظهر الحق صديقي ريفرنس کي خطاب ڪندي چيو ته سنڌ جو ماحول تبديل ٿي رهيو آهي. پاڻي جي کوٽ جي ڪري صوبي جو تمام گهڻو نقصان ٿيو آهي. ڪوٽڙي کان هيٺ پاڻي نه وڃڻ جي ڪري ته نقصان ٿيو آهي پر اصل مسئلو زراعت لاءِ پاڻي جي کوٽ آهي. ايم ايڇ پنهور ان حوالي سان سنڌ جي تمام گهڻي رهنمائي ڪئي. هن چيو ته يونيورسٽي ۾ ايم ايڇ پنهور چيئرکولي ويندي پر ان لاءِ ڪو اسان جي مدد به ڪري. ٻولي جي ماهر ۽ دانشور سراج الحق ميمڻ چيو ته انور پيرزادو بهترين صحافي هو. هن سنڌي توڙي انگريزي اخبارن ۾ سنڌ لاءِ گهڻو لکيو. پروفيسر اعجاز قريشي چيو ته سنڌ حڪومت ايم ايڇ پنهور جي ذهانت مان ڪوبه فائدو نه ورتو. پروفيسر ڊاڪٽر غلام علي الانا چيو ته ايم ايڇ پنهور سنڌ جو البيروني هو. هو هو ٻهه گهڻي شخصيت جو مالڪ هو. سندس لائبريري 40 هزار ڪتابن تي مشتمل آهي. هاڻي ان جي سنڀال ڪير ڪندو. پروفيسر سليم ميمڻ چيو ته انور پيرزادو سنڌ جي هلندڙ ڦرندڙ تاريخ هو. سلطانه وقاصي چيو ته انور پيرزادو شاهه لطيف جو فقير هو. شاهه لطيف چيئر جي ڊائريڪٽر ڊاڪٽر فهميده حسين چيو ته ٽنهي شخصيتن جو لاڏاڻو سندن خاندانن جو نه پر سنڌ جو به نقصان آهي |