ايم ايڇ پنهور کيساڻو موڙي وٽ مٽيءَ ماءُ حوالي، ڪلهي ڪانڌي ٿيل قلمڪار روئي ويٺا

ٽنڊو ڄام(رپورٽ محمد حسن ڪنڀر) ملڪ جي نامياري تاريخدان، زرعي سائنسدان ۽ عظيم محقق ايم ايڇ پنهور کي ڪالهه کيساڻو موري ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو. ايم ايڇ پنهور جي حيدرآباد واري بنگلي تي جنازي نماز ادا ڪرڻ بعد ٽنڊي ڄام ويجهو کيساڻا موري وٽ سندس زرعي فارم ۾ سندس ئي وصيت موجب تدفين ٿي. آخري رسمن ۾ محمد ابراهيم جويو، محمد هاشم لغاري، ڊاڪٽر دودو مهيري، نفيس ناشاد، اعجاز منگي، غلام محمد جوڻيجو، شوڪت شورو، عمر سومرو، اعجاز قريشي، پ پ ڪلچرل ونگ جو اڳواڻ خان محمد سهتو، ڊي جي پوليس سيد مشتاق شاهه، سنڌ زرعي يونيورسٽي، سنڌ يونيورسٽي جا پروفيسر، حيدرآباد، بدين، ٽنڊو الهيار مان آبادگار تنظيمن ۽ ٻين ماڻهن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.هوڏانهن سنڌ جي باشعور ماڻهن ايم ايڇ پنهور جي وڇوڙي کي وڏو سانحو قرار ڏنو آهي. تدفين دوران صحافين سان ڳالهائيندي نامياري دانشور ابراهيم جويو چيو  ته ايم ايڇ پنهور تمام اڪابر قسم جو ماڻهو هو. شروع ۾ علاما قاضي وٽ واعظ ٻڌڻ دوران هن کي مسلمان عورتن جي مسئلن جي حوالي سان معلومات ملي جنهن کانپوءِ هن پهريون ڪتاب، مسلم عورتون ۽ انهن جا مسئلا لکيو. هن چيو ته هن پنهنجي علم ۽ عقل آهر اها پڻ تجويز ڏني هئي ته ڪيٽي بندر وٽ هڪ بئريج ٺاهيو وڃي پر ان جي گهڻن ماڻهن مخالفت ڪئي. اصل ۾ هن جو مقصد هو ته جيڪڏهن اتي بئريج ٺهڻ سان عالمي قانون موجب دريا جو پاڻي اتي پهچائڻ لازمي ٿي  ويندو. حڪمران هاڻي صرف ڪوٽڙي بئريج تائين پاڻي پهچائڻ جي ذميواري سمجهن ٿا. ان کان اڳتي پاڻي نه پيو ڇڏيو وڃي.قومپرست اڳواڻ ڊاڪٽر دودو مهيري چيو ته ايم ايڇ پنهور جو مرتيو اصل ۾ سنڌي قوم لاءِ وڏو سانحو آهي ۽ ايم ايڇ پنهور جهڙو ماڻهو سنڌ ۾پيدا ٿيڻ ۾ هو وڏو عرصو لڳي ويندو. هن چيو ته جڏهن سنڌ مختلف مسئلن جو شڪار هئي ته ايم ايڇ پنهور جهڙا عظيم ماڻهو پنهنجي ڏاهپ تحقيق ۽ اڻٿڪ جدوجهد جي نجوڙ مان ان جو حل ۽ مخالفن کي پنهنجي تحقيق ذريعي قائل ڪندا هئا ۽ اسان سندس ان شيءَ مان گهڻو ڪجهه سکيو. ادبي بورڊ جي سيڪريٽري اعجاز منگي چيو ته ايم ايڇ پنهور سان منهنجون ڪافي ڪچهريون ٿيون. هو تحقيق جو هڪ ادارو هو. هن چيو ته ايم ايڇ پنهور جي تحقيقي مقالن جو هڪ ڪتاب اسان وٽ ڇپائي هيٺ آهي ۽ ان جا ٻيا ڪتاب پڇائڻ لاءِ منظوري ورتي ويندي. ايم ايڇ پنهور جي پٽ سني پنهور چيو ته جنهن هنڌ بابا جي تدفين ٿي آهي اها هن ٽرسٽ لاءِ وقف ڪئي هئي ۽ ان ٽرسٽ ۾ اسان جي فيملي به ڪم ڪندي هن جڳهه تي هڪ فائونڊيشن جو بنياد اڄ کان ئي پئجي ويو آهي. جنهن ذريعي اسان پنهنجي والد جي تحقيق ۽ اشاعتي ڪم کي اڳتي وڌائينداسين