سڄاڻ ڌرين پاران ايم ايڇ پنهور جي وفات وڏو سانحو قرار

 

ٽنڊو ڄام/حيدرآباد: سنڌ جي باشعور ماڻهن ايم ايڇ پنهور جي وفات کي وڏو سانحو قرار ڏنو آهي، سنڌي ادبي بورڊ پاران ڪتاب شايع ڪرڻ ۽ سندس ڪٽنب  جوڙيل ٽرسٽ ذريعي تحقيق وڌائڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي، رپورٽ موجب تدفين دوران عبرت سان ڳالهائيندي نامياري دانشور محمد ابراهيم جويو چيو آهي ته ايم ايڇ پنهور اسان جو جواني جو دور کان دوست هو ۽ اسان ٻنهي جو تعلق ضلعي دادو سان هجڻ ڪري ڪافي سناسائي رهي، هو تمام اڪابر قسم جو ماڻهو هو، هن چيو ته شروع ۾ علامه آءِ آءِ قاضي وٽ واعظ ٻڌڻ دوران هن کي مسلمان عورتن جي مسئلن جي حوالي سان معلومات ملي جنهن کان پوءِ هن پهريون ڪتاب، مسلم عورتون ۽ انهن جا مسئلا لکيو. هن چيو ته هن پنهنجي علم ۽ عقل آهر اها پڻ تجويز ڏني هئي ته ڪيٽي بندر وٽ هڪ بئريج ٺاهيو وڃي پر ان جي گهڻن ماڻهن مخالفت ڪئي، اصل ۾ هن جو مقصد هو ته جيڪڏهن اتي بئريج ٺهڻ سان عالمي قانون موجب دريا جو پاڻي اتي پهچائڻ لازمي ٿي ويندو. محمد ابراهيم وڌيڪ چيو ته ايم ايڇ پنهور اسان جو پيارو دوست ڀاءُ هو اسان هن جي خدمتن کي پوري زندگي ياد رکنداسين. قومپرست اڳواڻ ڊاڪٽر دودو مهيري چيو ته ايم ايڇ پنهور جي وفات اصل ۾ سنڌي قوم لاءِ وڏو سانحو آهي. سنڌي ادبي بورڊ جي سيڪريٽري اعجاز منگيءَ چيو ته ايم ايڇ پنهور سان منهنجو ڪافي ڪچهريون ٿيون، هو تحقيق جو هڪ ادارو هو، هن چيو ته ايم ايڇ پنهور جي تحقيقي مقالن جو هڪ ڪتاب اسان وٽ ڇپائي هيٺ آهي ۽ ان جا ٻيا به ڪتاب ڇپائڻ جي منظوري ورتي ويندي، ايم ايڇ پنهور جي پٽ سني پنهور چيو ته جنهن زمين ۾ بابا جي تدفين ٿي آهي اها هن ٽرسٽ لاءِ وقف ڪئي هئي ۽ ان ٽرسٽ ۾ اسان جي فيملي ۾ ڪم ڪندڙ، هن جڳهه تي هڪ فائونڊيشن جو بنياد اڄ کان ئي پئجي ويو آهي. جنهن ذريعي اسان پنهنجي والد جي تحقيق ۽ اشاعتي ڪم کي اڳتي وڌائينداسين. پ پ جي اڳواڻ نثار احمد کهڙو چيو ته ايم ايڇ پنهور سنڌ جو تمام وڏو زرعي سائنسدان هو. سندس خدمتن کي ڪڏهن به وساري نٿا سگهون. اديب ڊاڪٽر غلام علي الانا چيو ته  ايم ايڇ پنهور زراعت جي حوالي سان تمام وڏي جاکوڙ ڪئي، سندس وڇوڙي تي پوري سنڌ سوڳ واري آهي، ڪهاڻيڪار حميد سنڌي چيو ته ايم ايڇ پنهور جهڙا املهه ماڻڪ ڌرتي تي ورلي جنم وٺندا آهن. ايم ايڇ پنهور زراعت جي حوالي سان تمام وڏو تحقيقاتي ڪم ڪيو آهي، سندس زرعي مقالن سميت سندس سموري مواد شايع ڪرايو وڃي. زرعي ماهر نظير ميمڻ چيو ته ايم ايڇ پنهور سنڌ جي زيري زمين پاڻي تي تمام وڏي تحقيقات ڪئي. اهڙي جاکوڙي سائنسدان جي وفات تي ڏک پهتو آهي. پروفيسر قلندر شاهه لڪياري چيو ته ايم ايڇ پنهور سنڌي جي زرعي جنسن تي تحقيقاتي جاکوڙ ڪئي، دنيا جي مختلف ملڪن مان زرعي جنسون هٿ ڪري سنڌ ۾ ان تي تجربا ڪيا. سندس هميشه اها جاکوڙ هوندي هئي ته سنڌي زراعت جي حوالي سان وڌ کان وڌ سگهارو بڻائي. هن چيو ته ايم ايڇ پنهور جي لاڏاڻي تي ڏک پهتو آهي. ليکڪ مسعود لوهار ۽ ناصر پنهور چيو ته ايم ايڇ پنهور سنڌ جو زرعي خزانو وڌائڻ لاءِ جدوجهد ڪئي. ايم ايڇ پنهور ملڪ جو تمام وڏو زرعي سائنسدان هو. ايم ايڇ پنهور پنهنجي ذاتي لائبريري قائم ڪري ان ۾ زراعت سميت مختلف معلومات وارا ڪتاب گڏ ڪري رکيا، سندس وفات تي اسان ڏک ۾ به برابر جا شريڪ آهيون.