ماهر، محقق ۽ دانشور ايم ايڇ پنهور کيسانه موري وٽ سندس فارم ۾ مٽيء

َ ماءُ حوالي

 

حيدرآباد/ ٽنڊو ڄام(رپورٽ: غلام حسين خاصخيلي/ مظهر لاشاري/ علي محمد جمالي) سنڌ جي نامياري دانشور ۽ زرعي ماهر، محقق ايم ايڇ پنهور کي کيسانه موري وٽ پنهور فروٽ فارم ۾ سوين آلين اکين سان مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو. جنازي نماز سندس لطيف آباد واري رهائشگاهه تي ادا ڪئي وئي. جنهن ۾ اديبن، سياستدانن، مٽن مائٽن سميت سوين ماڻهن شرڪت ڪئي. محمد ابراهيم جويو، غلام علي الانا، شوڪت حسين شورو، زرعي ماهر نظير ميمڻ، هاشم لغاري، حميد سنڌي، ڊاڪٽر بشير، ايوب شيخ، احمد شيخ،  قلندر شاهه لڪياري، نفيس احمد ناشاد، قاضي عبدالمجيد، نثار احمد کهڙو، اقبال پنهور، دودو مهيري، ذوالفقار هاليپوٽو، مسعود لوهار، فيض محمد پنهور، غلام محمد لاکو، مشتاق شاهه، سنڌ يونيورسٽي ۽ سنڌ زرعي يونيورسٽي جا پروفيسر ۽ مختلف تنظيمن جا ڪارڪن ۽ اڳواڻ شامل هئا.  ان کان اڳ مرحوم جو  پٽ سني حسين پنهور، سندس ننهن ثريا پنهور ۽ سندس بيواهه فرزانه پنهور سندس مڙهه ڪراچي کان حيدرآباد لطيف آباد کڻائي آيا. ايم ايڇ پنهور وصيعت موجب کيس سندس باغ ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو. مرحوم جو تڏو لطيف آباد ۾ وڇايو ويو آهي سندس پٽ حسين پنهور سان تعزيت جو سلسلو جاري آهي.ا