هڪ وڏي ماڻهوءَ جو وڇوڙو!

 

                ڪالهوڪو ڏينهن اها خبر کڻي پهتو ته سنڌ جو تاريخدان ۽ زرعي محقق سائين ايم ايڇ پنهور لاڏاڻو ڪري ويو. موت ڪا اهڙي شيءِ ناهي، جنهن کي ڪير موٽائي سگهي، عمر جو ريل سالن سان گڏ گهٽجندو ويندو آهي، ۽ نيٺ هڪ ڏينهن اهو ريل پڄاڻيءَ تي پهچندو آهي. موت اهڙي شيءِ به ڪونهي، جنهن تي حيرت کائجي، ها موت تي بس افسوس ئي ڪري سگهجي ٿو. پر جڏهن سائين ايم ايڇ پنهور جهڙا محقق وڇڙي وڃن، تڏهن ڳالهه افسوس کان گهڻو چڙهيل هجي ٿي.

                جيڪي ماڻهو غير معمولي هجن ٿا، انهن جو وڇوڙو ڏک به غير معمولي ڏئي ويندو آهي. خاص طور تي ڪنهن محقق ۽ اسڪالر جو وڇوڙو ڪنهن غير معمولي نقصان کان گهٽ ناهي هوندو. هونءَ اهو جملو رواجي بڻجي ويو آهي ته ”فلاڻي ماڻهو جو خال صدين تائين ڀرجي نه سگهندو.“ پر سائين ايم ايڇ پنهور صاحب جي وڇوڙي تي جيڪڏهن اهو جملو چئجي ته قطعي به رواجي نه هوندو. اهڙا ماڻهو تمام گهٽ آهن، جيڪي پنهنجي حياتيءَ جو وڏو حصو تحقيق کي ڏين، ۽ اهي ماڻهو ته بنهه اڻلڀ آهن، جيڪي پنهنجي سموري حياتي تحقيق کي ڏين، سائين پنهور صاحب انهن اڻلڀ ماڻهن مان هو، جيڪي زندگيءَ جو وڏو حصو نه، پر سموري زندگي تحقيق کي ڏيندا آهن. هن پنهنجي سڄي زندگي تحقيق کي ڏني، هن ڪڏهن به پنهنجي پيرسنيءَ جو بهانو ڪري ڪم کان نه لنوايو، ۽ نه ئي وري اهو ٺهيل ٺڪيل جملو چئي پنهنجو ڪم بند ڪيو ته ”هتي ڪم ڪرڻ جو ماحول ئي ڪونهي.“ ڪم ڪرڻ وارا ڪم جو ماحول پاڻ پيدا ڪندا آهن، ۽ جن کي ڪم ناهي ڪرڻو هوندو، سي ڪنهن به ماحول ۾ ڪم ناهن ڪري سگهندا. هو انهن ماڻهن مان به نه هو، جيڪي ان انتظار ۾ هوندا آهن ته سرڪار سندن ڪا مدد ڪري ته هو ڪم ڪري ڏيکارين، يا سرڪار ڪو ادارو انهن جي حوالي ڪري ته هو ڪم ڪن. پنهور صاحب پاڻ هڪ ادارو هو، جيڪو سمورن سرڪاري ادارن کان وڏو ادارو هو. واقعي به تحقيق جي حوالي سان جائزو وٺبو ته جن شعبن ۾ پنهور صاحب ڪم ڪيو آهي، انهن سمورن شعبن ۾ سرڪار جا ايترا وڏا ادارا وڏين بجيٽن باوجود ڪم ناهن ڪري سگهيا. تاريخ، زراعت، آرڪيالاجي، ۽ سماجيات وارن علمن ۾ هڪڙي پاسي هڪ فرد جو ڪم ۽ ٻئي پاسي  سمورن ادارن جو ڪم رکجي، پوءِ به پنهور صاحب تمام مٿي بيٺل نظر ايندا.

                اسان سمجهون ٿا ته پنهور صاحب جهڙي محقق جي وڇوڙي تي رڳو افسوس ڪري ويهي رهڻ ڪافي ناهي، پر ان جيڪو ڪم ڪيو، ان ڪم کي وڌيڪ مڃتا ڏيارڻ لاءِ منظر تي آڻڻ جي ضرورت آهي، ۽ ان جيڪو ڪم اڌ ۾ ڇڏيو، ان ڪم جو تسلسل قائم رکڻ جي گهرج آهي، ڇاڪاڻ جو اسان وٽ ڪنهن ماڻهوءَ جي وڇوڙي سان ڄڻ ته ان جو ڪم به هليو ٿو وڃي، جيڪو گهٽ ۾ گهٽ پنهور صاحب واري